قمر ڀٽي

قمر ڀٽي

قمر ڀٽي

قمر ڀٽي: قمر ڀٽيءَ جو پورو نالو قمرالدين ڀٽي ولد حاجي محمد سليمان ڀٽي آهي. 21 جنوري 1958ع تي ڳوٺ فيض محمد کوکر لڳ باڊهه شهر، تعلقي ڏوڪري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو. پرائمري تعليم پراڻي باڊهه مان 1969ع ۾، جڏهن ته مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول باڊهه مان 1973ع ۾، انٽر ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان 1975ع ۾، بي. اي سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان 1982ع ۾ ايم. اي (اڪنامڪس) سنڌ يونيورسٽيءَ مان 1987ع ۽ ايل. ايل. بي لا ڪاليج لاڙڪاڻي مان 1993ع ۾ پاس ڪيائين. قمر ڀٽي اديب، شاعر ۽ سياستدان آهي. ”جيئي سنڌ قومپرست پارٽيءَ“ جو اڳواڻ آهي ۽ هن وقت وڪالت ڪري رهيو آهي. قمر ڀٽيءَ جي ڇپيل ڪتابن ۾ (1) گيت منهنجا گوليون (1984ع)، (2) هند ۾ جلاوطن سنڌي (1987ع)، (3) ڦٽڪن لڳڻ وارو ڏينهن (1981ع)، (4) محڪوم ملزم، حاڪم جج 1982ع، (5) ايم. آر. ڊي تحريڪ (1983ع)، (6) سڀاش چندر بوس (1984ع)، (7) مهاجرن جو مستقبل (1983ع)، (8) دارالاصلاح (جيل ڊائري: 1980ع)، (9) سنڌ ڪيئن آزاد ٿيندي (1991ع)، (10) سائين جي ايم سيد جي سياسي ۽ ذاتي زندگي (1991ع)، (11) سياست ۽ سازشون. ان کانسواءِ سياست ۽ ادب تي سندس ڪيترا ڪالم اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيل آهن. قمر ڀٽي ”عوامي سوڀ“ جو ايڊيٽر به رهيو آهي. قمر ڀٽي شاگرديءَ جي زماني کان سائين جي. ايم. سيد جي نظريي، سوچ يا شخصيت کان متاثر رهيو. شاگرد تنظيم جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو سال 1984ع ۾ مرڪزي صدر رهيو ۽ 1990ع کان ”جيئي سنڌ قومپرست پارٽي“ جو چيئرمئن آهي. هن شاگرديءَ ۽ سياست دوران 13 سال قيد ڀوڳيو، 30 ڦٽڪا کاڌا ۽ 3 سالن لاءِ ريسٽيڪيٽ پڻ ٿيو. قمر ڀٽي صاحب ڪيترن ملڪن جا دورا پڻ ڪيا آهن، جن ۾ هندستان، هانگ ڪانگ، افغانستان ۽ انگلينڊ شامل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1958.01.21  عيسوي

قمرالدين ڀٽي 21 جنوري 1958ع تي ڳوٺ فيض محمد کوکر لڳ باڊهه شهر ، تعلقي ڏوڪري ، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ظهير ڪاشميري
پير ضياءُ الدين شاهه راشدي
عبدالستار ميمڻ
راحت ٻائي
غازي فقير ڪلر
ڏنگر فقير
جهانگي خان وڏيرو
اميد علي ڀٽ
ڀونگر
بولچند سيتائي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون